ڊگھڙي: ڊگهڙي مان 19 ڏينهن اغوا ٿيل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش مليو، وارثن ڌرڻو هڻي انصاف جي گهر ڪئي. ان سلسلي ۾ پراڻو دمبالو ڀرسان ٽنڊو غلام علي ٿاڻي جي حد جمڙائو ڪئنال مان ٻوري ۾ بند مليل ڳوٺ ديهه170 جي رهواسي نوجوان شاهد آرائين جو گذريل ڏينهن لاش مليو هو، جنهن جي سڃاڻپ سندس وارثن پيرن جي آڱرين، ڪنڌ ۽ ٻانهن ۾ ٻڌل ڌاڳن مان ڪئي، جنهن بعد سندس وارث لاش کڻائي ڳوٺ پهتا، جتي سندس تدفين ڪئي وئي. وارثن محمد اسلم آرائين، انجمن آرائيان جي تعلقي صدر اخلاق احمد آرائين، محمد شفيق آرائين، آصف آرائين، محمد اشرف آرائين، شاهنواز موسيپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، وائيس چيئرمين اسلم آرائين، ن ليگ اڳواڻ چوڌري نويد گل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وارثن ۽ اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مقتول نوجوان کي 20 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو ۽ واقعي جي ايف آئي آر 8 ڏينهن اڳ مقتول جي والد اڪرم آرائين جي فرياد تي ڳوٺ بادل شاھه جي رهواسين مقتول جي گهرواري شمع آرائين، سهري رفيق آرائين، عبدالواحد آرائين ۽ هڪ نامعلوم خلاف داخل ڪرائي هئي، پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا. هنن چيو ته مقتول جي والد بار بار ميڊيا آڏو دانهيو ته منهنجي پٽ جي قتل جو خدشو آهي، پر اسانکي انصاف نه ملي سگهيو ۽ آخرڪار نوجوان جو تشدد ٿيل لاش مليو، ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي لوڙهي ڏوھه لڪائڻ جي ڪوشش آهي، سمورا جوابدار آزاد گمهي رهيا آهن، قاتلن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رهندو. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ايس ايڇ او ڊگهڙي آفتاب رند پهچي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. وارثن موجب جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو. هوڏانهن ايس ايڇ او ڊگهڙي آفتاب رند جو چوڻ هو ته وارثن لاش جي سڃاڻپ 50 سيڪڙو مليل نشانين مان ڪئي آهي، وڌيڪ تصديق ڊي اين اي ۽ نادرا رپورٽ اچڻ بعد ٿيندي، جنهن بعد ڪيس ۾ 302 جو قلم شامل ڪيو ويندو، جوابدارن جي گرفتاري لا ڇاپا هڻي رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close