پاڪستانسنڌ

مخالف شڪست ڏسي جهيڙا ڪرائڻ چاهين ٿا:علي محمد ولهاري

مسڻ وڏي: راڄ ڀاڳ پاڻ ۾ ڀائيچاري ۽ محبت سان رھن، اسان جا مخالف پنهنجي شڪست ڏسي برادرين ۾ جهيڙا ڪرائي اليڪشن جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، اهڙين سازشن کان پاڻ کي پري رکو. اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي ضلعي ٽنڊوالهيار جي چيئرمين مخدوم ميون علي محمد ولهاري يوسي بيگن جروار جي ڳوٺ عنايت الله ٿيٻو، ڪولهي ڪالوني، مختيار ڪارو جروار، ڳوٺ پنهون سينهڙو، مير جي جاگير، جمعو ساند، عزيز ٿيٻو، ڀمڀٽ پور ۽ جراڙ ٿيٻو ۾ چونڊ مهم دوران ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته يوسي بيگن جروار جي عوام اسان سان هميشه گڏ رهيو آهي، ڇو ته هتان جي عوام جي اسان اقتدار نه هئڻ دوران ۽ اقتدار ۾ هئڻ دوران بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي آهي،هن ڀيري به ڪامياب ٿي يوسي جي عوام جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين. يوسي بيگن جروار جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي منهنجي پٽ سامھون اليڪشن وڙهندڙ کي ضلعي ڪائونسل جي مخصوص سيٽ ۽ يوسي بيگن جروار لا سي سي بلاڪ جون اسڪيمون ڏنيون. ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار مخدوم ميون معروف علي ولهاري، چيئرمين شادمان خان جروار،وائيس چيئرمين نور احمد ٿيٻو، حاجي عبدالحفيظ جروار، علي محمد سينهڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button