پاڪستانسنڌ

جهنڊو مري ۾ ڳوٺاڻن چندو ڪري گهارو بند ڪرايو

عثمان شاھه ھڙي: جهنڊو مري ويجهو ڳوٺ پير ماڙي ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ آمشائخ شاخ کي آر ڊي 38 وٽان 50 فوٽ گهارو لڳڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند، ڪيلي ۽ وونئڻن جو فصل ٻڏي ويو ۽ 5 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچايو، پر گهاري جي اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گهارو کي ٻڌي ورتو. متاثر ڳوٺن ۾ موريوساند، پير ذاڪر جو ڪوٽ، بهادر حاجاڻو ۽ جان محمد وساڻ شامل آھن. ڳوٺاڻن غلام حيدر ساند، نصير ساند، ميرمحمد ساند ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته گهارو لڳڻ جو اطلاع عملدارن کي ڏنو، پر اهي نه پهتا، ان ڪري نقصان پهتو، اسان چندو ڪري ميشنري گهرائي گهارو بند ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button