پيرولاشاري: پيرولاشاري ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان يوسي محمد اشرف ٿيٻو (رپ) جي جي يو آ اميدوار چيئرمين جي سيٽ تي بيٺل نظير احمد ٽالپور جي يو آ جي پوري پيئنل جي اليڪشن ورڪ مھم شروع ڪري ڇڏي، جي يو آ اميدوارن ضلعي ڪائونسل جي مفتي اظهر الدين گوپانگ، چيئرمين سائين نظير ٽالپور، وائيس چيئرمين پيربخش خاصخيلي، جنرل ڪائونسلر اميدوار وارڊ نمبر 1 قاري احمد بهراڻي، ديهه پرهايڙڪي جنرل ڪائونسلر اميدوار مولانا عبدلرئوف جمالي وارڊ نمبر 2، ديهه لنڊڪي ۽ ساندڪي جنرل ڪائونسل اميدوار سحر افشان وارڊ نمبر 4 ۽ ٻين ديهن جي مختلف ڳوٺن رئيس ٻيڙو خان لنڊ، مياملوڪ پرتو آريسر باغ علي ٽالپور ۾ گڏجاڻيون ڪيون.
جنهن ۾ مختلف برادرين پاران ڀرپور موٽ ۽ حمايت جو اعلان ڪندي کيس ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آھي، ان موقعي تي جي يو آ اميدوار نظير احمد ٽالپور ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مون کي غربت ۽ غريبي جو احساس آھي، مان غريب عوام جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکان ٿو.