پاڪستانسنڌ

چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: ڪمشنر حيدرآباد

ٺٽو(ن،سنڌ ايڪسپريس) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهه مڪاني ادارن جي چونڊن، سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ دربار هال ڊي سي آفيس مڪلي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر عبدالرحمان آرائين، وڏي وزير جا خاص مددگار صادق علي ميمڻ ۽ ايم پي اي سيد رياض حسين شاهه شيرازي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي مانيٽرنگ آفيسر غضنفر علي قادري، ايس ايس پي عديل چانڊيو، ضلعي اليڪشن ڪمشنر عذره مهيسر، سمورن رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن سميت مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ آزاد اميدوارن کان علاوه مختلف سياسي پارٽين جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ چيو ته مڪاني چونڊن کي صاف، شفاف، منصفاڻه ۽ غيرجانبدار بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق سميت امن امان جي صورتحال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.

هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنن سميت ضرورت مطابق ٻين پولنگ اسٽيشنن تي پڻ پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويندو. ڊويزنل ڪمشنر چيو ته اليڪشن واري ڏينهن ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به ايم اين اي يا ايم پي اي کي پولنگ اسٽيشن تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته ڪوبه سرڪاري ملازم چونڊ مهم ۾ شامل نه ٿيندو، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اميدوارن ۽ ووٽرن جي جان و مال جي حفاظت لاءِ موثر قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه چيو ته عوام جي جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي ۾ موجود پوليس فورس کان علاوه 1000 وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button