حيدرآباد(رپورٽ: راشد لغاري) حيدرآباد ۾ سنڌ جي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل واقعي تي لساني فساد ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته شرپسند عنصرن هنگاما ڪيا آهن. سنڌ ۾ افغاني سميت ڪنهن به غير ملڪي کي غيرقانوني طور رهڻ جي اجازت نه آهي. ان سلسلي ۾ هن حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام خان شورو، جبار خان، ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ، ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ ٻين اڳواڻن، عملدارن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي. هن چيو ته نوجوان بلال ڪاڪا جو قتل واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن ڪيس کي پوليس ڏسي پئي، نوجوان جي قتل ڪيس جا 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، باقي جوابدار 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. گرفتاري لا ڇاپا هنيا پيا وڃن. ڪيس ۾ اهم پيش رفت به ٿي آهي. جيڪا هن وقت نٿا ٻڌائي سگهون. هن چيو ته حيدرآباد ۾ زبردستي دڪان بند ڪرائيندڙن مان 28 ڄڻا ۽ ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۾ هنگاما ڪندڙن مان 48 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.
جنهن به شرپسندي ڦهلائي آهي. اهي گرفتار ڪيا ويندا. گرفتاري لا پوليس ۽ رينجرس ڪم ڪري پئي. هن چيو ته ڪير به شخص دڪان بند ڪرائي، روڊ بلاڪ ڪري، فتنو ڦهلائي يا سوشل ميڊيا تي غلط پروپيگنڊا ڪندو ان خلاف قانون سختي سان پيش ايندو، ايف آ اي سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جنهن به ٽڪ ٽاڪ، واٽس اپ گروپ يا ٻي سماجي سائيٽس تي غلط مواد شيئر ڪيو آهي اهو ڊيليٽ ڪري ڇڏي، نته قانون حرڪت ۾ ايندو. هن چيو ته غلط بياني ڪري ڀا ڀا کي وڙهائڻ جي سازش ڪئي وئي.
هن چيو ته قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن سميت سڀ سياسي پارٽيون متفق ٿيون آهن ته ڪنهن به صورت ۾ لساني فسادن کي نه وڌايو ويندو. هڪ ڳالهه ته هي لساني فساد هو به ڪونه. ڪنهن کي به سياست چمڪائڻ نه ڏينداسين. شاهي سيد ۽ جلال محمود شاهه ۽ ٻين اڳواڻن جا بيان اچي ويا آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته افغاني هجي يا ڪو ٻيو غيرقانوني طور رهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پريس ڪانفرنس دوران سخت برسات پوڻ دوران صحافين جي ٻن سوالن جا جواب ڏنا ويا. جلدي ۾ پريس ڪانفرنس ختم ڪئي وئي.