اسلام آبادپاڪستان

ڌاريا ڀلي ڪڍو پر سالن کان آباد پختونن کي ڪڍڻ ناانصافي آھي:شاهي سيد

ڄامشورو:عوامي نيشنل پارٽي ۽ پختونخواھه ملي عوامي پارٽي جي وفد جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو پھچي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر جلال محمود شاهھ ۽ ايس يو پي جي مرڪزي قيادت سان ملاقات ڪئي آھي. ملاقات ۾ بلال ڪاڪا جي قتل واري واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد سنڌ جي قومپرست ڌرين کي اپيل ڪئي تھ ھو سنڌ ۾ پختونن جي ڪاروبار جي تحفظ ۽ سنڌين ۽ پٺاڻن وچ ۾ ڀائيچارو قائم ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. ملاقات کانپوءِ عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر شاھي سيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ان کانپوءِ ڪراچي سوڌو سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ پيدا ڪيل وڳوڙن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. سنڌ جي قومپرستن جيان اسان جو بھ اھو مطالبو آھي تھ سنڌ ۾ غيرقانوني ترسيل پرڏيھين کي نيڪالي ڏني وڃي پر ان مطالبي جي آڙ ۾ سالن کان سنڌ ۾ آباد پختونن کي ڪڍڻ يا انھن سان ظلم ڪرڻ سراسر ناانصافي آھي. شاھي سيد وڌيڪ چيو تھ سنڌ ۾ لکن جي انگ ۾ ڌاريا آباد آھن، جنھنڪري سنڌ جي معيشت سوڌو امن امان کي سخت نقصان رسي رھيو آھي. حيدرآباد واقعي کانپوءِ مسلسل سنڌ جي قومپرست ڌرين سان رابطي ۾ آھيون، سائين جي ايم سيد، ولي خان ۽ باچا خان امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو، سنڌ ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ امن امان قائم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد ايڊيفيس پھتا آھيون. شاھي سيد چيو تھ بلوچستان ۽ سھراب ڳوٺ سوڌو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سنڌين جي تذليل جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌ سنڌين جي آھي، ھتي قبضو ڪرڻ نھ ٿا چاھيون، پرڏيھين کي بيدخل ڪرڻ ۾ سنڌ جي قومپرستن جو ساٿ ڏينداسين، پر سئو سالن کان آباد پختونن کي عزت سان رھڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته سھراب ڳوٺ ۾ سنڌين سان گڏ پختونن کان بھ ڦرلٽ ٿي آھي، سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ترت تحرڪ وٺن ھا تھ اھڙيون حالتون پيدا نھ ٿين ھا. اسان سنڌ سوڌو ملڪ کي مضبوط ڏسڻ چاھيون ٿا، سنڌي ڀائرن سان وڙھڻ نھ پر انھن سان ڀائيچارو ڪرڻ چاھيون ٿا. ان موقعي تي صوبائي اڳواڻ سليم ترين جو چوڻ ھو تھ جي ايم سيد ايڊيفيس سنڌين سان گڏ پختونن جو بھ گھر آھي، ھن گھر مان اميد آھي تھ سنڌي پٺاڻ فسادن کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو. سنڌي ماڻھو سالن کان آباد پختونن کي تنگ نھ ڪن. جڌهن ته جلال محمود شاهھ چيو تھ عوامي نيشنل پارٽي ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جو وفد اميدون کڻي اسان وٽ پھتو آھي، اسان کين يقين ڏياريون ٿا تھ پختونن جي ڪاروبار کي تحفظ ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪنداسين ۽ غيرملڪين جي نيڪالي لاءِ پنھنجي جدوجھد جاري رکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button