اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ چونڊون پي ٽي آءِ جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيندي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب جي 20 تڪن ۾ اڄ 17 جولاءِ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل سيڪريٽريٽ 180 ايڇ، ماڊل ٽائون لاهور ۾ مانيٽرنگ سيل، سينٽرل ڪنٽرول روم ۽ سوشل ميڊيا ونگ قائم ڪيا ويا آهن. ڪالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مرڪزي ڪنٽرول روم مان سمورن تڪن کان معلومات ۽ اطلاع جمع ڪري بنا دير جي عوام ۽ ميڊيا تائين پهچايا ويندا ته جيئن ڊسڪه جي ووٽ ۽ اليڪشن عملي، چور، فسادين تي نظر رکي وڃي ۽ انهن جي ڏڦيڙ پيدا ڪندڙن کي بي نقاب ڪري سگهجي. هوڏانهن پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چور دروازي کان اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات جي درخواست ڪندو رهيو.جڏهن ته ون آن ون ملاقات نه ٿي سگهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن تي يلغار ڪري ڏني، عمران خان ڊور ٽو ڊور ملاقاتون ڪرڻ جو عادي رهيو آهي. پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ واري پارٽي ڪاميابي ماڻيندي. حلقن مان اچڻ واريون خبرون حوصلا افزائي ڪنديون آهن، پنجاب جي ضمني چونڊ پي ٽي آءِ جي سياسي داستان ۽ سياست کي دفن ڪري ڇڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button