ڪراچي: پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سياسي پارٽين ۽ اسٽبيلشمنٽ جي لاڳاپن ۾ وقت سان گڏ تمام بهتري آئي آهي ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ بهتري ايندي. رپورٽ مطابق ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان صوبائي وزيرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته عمران خان جو درو صحافت جي آزادي جي لحاظ کان ڪارو دور هو، ڪاش عمران خان کي صحافين جي حقن جو خيال پنهنجي حڪومتي دور ۾ به اچي وڃي ها. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ هميشه صحافين کي آزادي ملي ۽ ملندي رهندي. آصف زرداري چيو ته سياسي پارٽين ۽ اسٽبيلشمنٽ جي لاڳاپن ۾ وقت سان گڏ تمام بهتري آئي آهي ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته سڀني جو مقصد ملڪي ترقي ۽ جمهوريت جي مضبوطي آهي، اسان سڀني وقت سان گڏ گهڻو ڪجهه سکيو آهي. هن چيو ته اتحادي حڪومت، اسٽيبلشمنٽ ۽ عدليا سڀني کي ملي آئين جي پاسداري ڪندي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو آهي، ملڪ کي هن بحران ۾ عمران خان ڇڏي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close