ڪراچي: جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير ڪراچي ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم سوڌو 10 جوابدارن جا نالا چالان مان خارج ڪري ڇڏيا. جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير پوليس چالان تي فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام اويس سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ڪيس هلندو. پوليس ڄام ڪريم، ڄام اويس سوڌو 13 جوابدارن جا نالا چالان مان خارج ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ياد رهي ته ناظم جوکيو کي نومبر 2021 ۾ قتل ڪيو ويو هو ۽ واقعي جو ڪيس ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ناظم جوکيو جي قتل وارو معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ سان گڏ ان خلاف سڄي سنڌ ۾ وڏو احتجاج پڻ ٿيو هو جنهن کانپوءِ اختياريون عملي اپاء وٺڻ تي مجبور ٿي ويون هيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close