لاهور: پنجاب اسيمبلي جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ اڄ ووٽ وڌا ويندا. رپورٽ مطابق صوبي جي 14 ضلعن جي 20 تڪن تي عام چونڊن کان اڳ پنجاب جي ننڍي چونڊ جو وڏو مقابلو اڄ ٿي رهيو آهي. ننڍي چونڊن ۾ مجموعي طور تي 175 اميدوار آمهون سامهون آهن ۽ اڄ عوام ووٽ ذريعي پنهنجو فيصلو ڪندو. پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوارن جي وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد آهي ۽ ن ليگ پي ٽي آءِ جي ڊي سيٽ ٿيل اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن. واضح رهي ته 20 مئي تي اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي ۾ حمزا شهباز کي وڏي وزير جو ووٽ ڏيندڙ تحريڪ انصاف جي 25 باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو هو. ڊي سيٽ ڪيل 20 ميمبرن جي سيٽن تي اڄ ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close