پاڪستانپنجاب

شهباز گل پولنگ تي هٿيارن جي نمائش جي الزام ۾ گرفتار

لاهور : پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ شهباز گل کي مظفر ڳڙهه جي تڪ پي پي 272 ۽ پي پي 273 جي پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪرڻ دوران هٿيارن جي نمائش ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان گرفتاري جي مذمت ڪئي. خبرموجب پنجاب جي گهرو وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته شهباز گل کي صورتحال خراب ٿيڻ جي خدشي سبب گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب مظفر ڳڙهه ضلعي جي پوليس آفيسر ميڊيا کي ٻڌايو ته شهباز گل کي سندس محافظن سميت پي ٽي آءِ اميدوار معظم علي جي فيڪٽري مان حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي شهباز گل چيو آهي ته کيس بنا ڪنهن وارنٽ جي گرفتار ڪيو ويو آهي. مون کي 3 ڪلاڪن کان روڪيو ويو ۽ 10 منٽ پهريان چيو ويو ته اوهان کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اوهان ٻاهر نٿا وڃي سگهو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مون وٽ ايف سي جو ڪو به گارڊ ناهي، کين مٿان کان چيو ويو آهي ته مون کي رنڊائي رکن، وڪيل جيڪو مشورو ڏيندا ته لائحه عمل اختيار ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button