اسلام آبادپاڪستانپنجاب

شاهه محمود قريشي پاران فيڪٽري ۾ گهڙڻ جي ڪوشش،ڪميشن نوٽيس ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ڌانڌلي جو الزام مڙهي هڪ فيڪٽري ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن الزام مڙهيو ته فيڪٽري اندر ٺپا لڳي رهيا هئا. هن چيو ته آر او هتي اچي ۽ فيڪٽري اندر جيڪي ٺپا لڳي رهيا آهن، ان جو نوٽيس وٺي. فيڪٽري جو مالڪ چوڌري ذوالفقار ڀڄي ويو آهي. فيڪٽري جي مالڪ چوڌري ذوالفقار جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي فيڪٽري تي چڙهائي ڪئي، ان سان گڏ هٿياربند گارڊ به هئا. فيڪٽري ۾ نه ڪائي پولنگ اسٽيشن هئي نه ڪائي ڌانڌلي ٿي رهي هئي. ٻئي پاسي ڄاڻايل خانگي فيڪٽري تي رٽرننگ آفيسر ۽ رينجرز اهلڪار به پهچي ويا. ان موقعي تي رٽرننگ آفيسر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاهه محمود قريشي وٽ ثبوت آهي ته پيش ڪري، غلط خبرون ميڊيا تي نه هلايون وڃن. ڪنهن فيڪٽري ورڪر جو سڄاڻپ ڪارڊ ناهي ورتو ويو. غلط خبر هلائڻ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي. يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني جو واقعي جي حوالي سان چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي اسان جي سپورٽر جي فيڪٽري تي آيو ۽ کيس حراسان ڪيو. شاهه محمود قريشي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته فيڪٽري ۾ ٺپا لڳي رهيا آهن، فيڪٽري کان هڪ ڪلوميٽر پري پولنگ اسٽيشن آهي. اسان ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين. ذاتي جڳهه تي اچي دروازا ٽوڙيا ويا، هي ماڻهن کي هيسائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي غير مناسب حرڪت ڪئي آهي، مذمت ڪريون ٿا. علي موسيٰ گيلاني جو اهو به چوڻ آهي ته فيڪٽري مالڪ چوڌري ذوالفقار پهريان شاهه محمود قريشي شي سان گڏ هوندو هو. فيڪٽري مالڪ 3 مهينا اڳ ان کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان پنهنجي موقف ۾ چيو ته شاهه محمود قريشي جو الزام بلڪل غلط آهي. شاهه محمود قريشي جي شڪايت تي رٽرننگ آڦيسر فيڪٽري جو دورو ڪيو. فيڪٽري ۾ نه ته ڪوئي بيلٽ پيپر آهي ۽ نه ئي ڪي ماڻهو ملوث نظر آيا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي مرڪزي ڪنٽرول روم ۾ هن وقت تائين جيتريون شڪايتون مليون آهن، سموريون شڪايتون بنا دير حل ڪيو ويون آهن. جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي اليڪشن ڪميشن پاران ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود پ پ 217 ملتان ۾ مسلسل پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو. اڻ لاڳاپيل شخص جو پولنگ اسٽيسنز جو دورو ڪرڻ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button