لاهور :نواز ليگ جي قيادت پنجاب اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست تسليم ڪري ورتي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ کي کليل دل سان نتيجن کي تسليم ڪرڻ گهرجي. عوام جي فيصلي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي. هن چيو ته سياست ۾ فتح ۽ شڪست ٿيندي رهندي آهي، دل وڏي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جتي جتي ڪمزوريون آهن، انهن جي نشاندهي ڪري انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي، انشاءَالله خير هوندو. ٻئي طرف ن ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان پنجاب اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست تسليم ڪري ورتي آهي. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ملڪ احمد خان چيو ته دل سان تسليم ڪيان ٿو ته تحريڪ انصاف کي تاريخي فتح ٿي.هن چيو ته عوام جو ووٽ اسان جي خلاف آيو آهي، عوام ووٽ سان پنهنجي راءِ ڏني، ان کانپوءِ حڪومت جو رهڻ نه رهڻ سيڪنڊري ٿي ويندو آهي.سندس چوڻ هو ته چونڊن جا نتيجا ٻڌائي رهيا آهن ته اسان وٽ عددي اڪثريت نه رهندي. وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن به عوام جي راءِ جو احترام ڪرڻ جو چيو آهي.
ملڪ احمد خان وڌيڪ چيو ته پنجاب اسان جي هٿن مان وڃي رهيو آهي، وفاق ۾ اتحادي حڪومت آهي ۽ فيصلو اڳواڻن کي ڪرڻو آهي.