پاڪستانسنڌ

15 ورهين جي ڇوڪري کي 4 ٻارن جي پي سان پرڻايو ويو، گهوٽ گرفتار

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ محمود آباد ٿاڻي جي حد لوڪو واري علائقي ۾ مبينا ننڍي عمر 15 سالن جي نياڻي شھربانو خاصخيلي جي 45 ورهين جي پرڻيل شخص سان پرڻي واري اطلاع تي محمود آباد ۽ وومين پوليس ڇوڪري جي گھر تي ڇاپو هنيو، پوليس گھوٽ اياز خاصخيلي ۽ شهربانو جي والد احسان خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي گرفتار گھوٽ اياز خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي پھرين گھرواري بيمار ھجڻ ڪري شهربانو جي مائٽن جي مرضي سان شادي ڪريان پيو ته پوليس ڇاپو ھنيو، شهربانو جي مائٽن کي خرچ طور 20 ھزار رپيا ڏنا آهن. ھن چيو ته نڪاح ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي شھربانو خاصخيلي جي والد احسان خاصخيلي چيو ته منھنجي نياڻي بالغ آھي، سندس 20 سال عمر آھي، نياڻي جي رضامندي سان شادي ڪرائي رھيا ھئاسين ته اوچتو پوليس ڇاپو ھنيو. ھن چيو ته غريب مسڪين ماڻهو آھيان، گڏهه گاڏو ھلائي ٻارن جو پيٽ گذر ڪندو آھيان، شريعت موجب شادي ڪرائي آھي، ڪو ڏوہه نه ڪيو آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او محمود آباد مير محمد ڪيريو ۽ ايس ايڇ او وومين مومل لغاري ٻڌايو ته شھربانو جي عمر 15 سال آھي، سندس مائٽ پئسن عيوض پرڻيل 4 ٻارن جي پي 45 ورهين جي شخص سان شادي ڪرائي رهيا هئا ته ڇاپو ھڻي شادي روڪرائي گھوٽ ۽ ڇوڪري جي والد کي تحويل ۾ ورتو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته واقعي بابت اعلى عملدارن کي اطلاع ڪيو آهي، سندن ھدايتن بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button