حيدرآباد: بلاول ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف عوامي تحريڪ جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا. لاڙڪاڻي ۾ احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن تي پوليس ڪڙڪي پئي، ڪارڪنن تي تشدد، 10 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار. تفصيل موجب نوجوان بلاول ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ افغانين، بهارين، برمين، بنگالين سميت سمورن ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل احتجاجي جدوجهد جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو، سکر، وارهه، اسلام ڪوٽ، کورواهه سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڪارڪنن پُرامن احتجاج شروع ڪيو ته مٿن پوليس ڪڙڪي پئي، ڪارڪنن تي تشدد ڪندي عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ذوالفقار ميراڻي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائينچو، محمد خان چانڊيو سميت 10 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close