مسوڀرڳڙي: ڇلگري پوليس ڪارروائي ڪندي 5 مڻ 10 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ دعويٰ ڪئي آهي، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. خبر موجب ڇلگري پوليس جي وڏي ڪارروائي بلوچستان کان حيدرآباد منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ڪري ورتي، ڇلگري پوليس چيڪنگ جي دوران هڪ شڪي ڪار کي روڪي تلاشي ورتي جنهن مان 5 مڻ 10 ڪلو چرس هٿ ڪري منشيات ڊيلر انور مري کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار جو تعلق بلوچستان صوبي سان ٻڌايو پيو وڃي، منشيات ڊيلر ڇلگري پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته هو منشيات جي اسمگلنگ حيدرآباد ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ ڪرڻ اچي رهيو هو، جيڪا پوليس ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، هوڏانهن ڇلگري پوليس جوابدار انور مري خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close