اسلام آبادپاڪستان

عمران جي هر تقرير نااهل هجڻ جو ثبوت آهي:شهبازشريف

اسلام آباد:وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته عمران نيازي جي هر تقرير سندس ڪنهن عوامي عهدي لاءِ نااهل هجڻ جو ثبوت آهي. پنجاب کي پوڻا چار سال بدترين گورننس جو نشانو بڻايو ويو. عوام جو ووٽ ئي ان جي طاقت آهي، عوام ان طاقت سان ڏڦير نفرت واري سياست کي رد ڪري. آچر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ شخص جي انا، سياست جو انداز ۽ نااهلي اسان جي معاشري جو حسن بگاڙي ڇڏيو آهي. عوام پنهنجو ووٽ قومي ترقي ۽ پنهنجي ٻارڙن جي روشن مستقبل لاءِ وجهي. مون کي اوهان جي چونڊ طاقت تي پورو ڀروسو آهي. وزيراعظم چيو ته پنجاب کي پوڻا چار سال بدترين گورننس جو نشانو بڻايو ويو، شهرين کي مفت دوائون ۽ شاگردن کي وظيفن کان محروم ڪيو ويو. هن چيو ته سرڪاري نوڪرين ۽ بدلين جو سرعام خريد ۽ وڪرو ٿيندو رهيو. شهري سهولتن جي حالت خراب ۽ لاقانونيت چوٽ تي ٿي. هن چيو ته گذريل دور ۾ پنجاب جي جيڪا حالت ڪئي وئي، اها ماڻهن جي توهين کان گهٽ نه آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جي هر تقرير سندس ڪنهن عوامي عهدي لاءِ نااهل هجڻ جو ثبوت آهي. اقتدار جي هوس ۾ عمران نيازي ميڪاويلين سياست جو شرمناڪ باب رقم ڪري رهيو آهي. آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ ان جي سڌي سنئين سرپرستي ۾ قومي ادارن تي گند اڇلائڻ جي منظم مهم هلائي، جنهن سان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهتو. اقتدار جي هوس ۾ عمران نيازي ميڪاويلين سياست جو شرمناڪ باب رقم ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button