ڏهرڪي/اوٻاوڙو/ڪشمور: پنجاب جي علائقي ماڇڪو وٽ سنڌو درياهه ۾ ڄاڃين جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 100 ماڻهو ٻڏي ويا، جن مان 22 ماڻهن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا. 25 اڃا تائين لاپتا آهن. 45 ماڻهن کي بچايو ويو. ان سلسلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي دريائي علائقي ماڇڪو جي ڳوٺ سليمان سولنگي جي رھواسي ڄاڃين سان افسوسناڪ واقعو پيش آيو. رهواسي ٻن ٻيڙين ۾ سوار ٿي گهوٽ پرڻائڻ لا دهل دمامن سان سيرا چوندي ماڇڪو کان راجنپور جي علائقي کروڙ وڃڻ لا درياهه پار ڪري رهيا هئا ته سنڌو درياهه اندر هڪ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت 100 ڄاڃي درياهه ۾ ڪري پيا ۽ لھرن ۾ لڙھي ويا، ٻيڙي ۾ سوار ڪجھه تارون ماڻھن ٻارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سنڌو جي تيز لھرن ڄاڃين کي لوڙهي ڇڏيو، اطلاع باوجود مقامي انتظاميا جو ڪوبه عملدار نه پهتو. ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي ۽ ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان واقعي کان بي خبر رهيا، نه ئي ماڻهن کي بچائڻ توڙي لاشن جي ڳولا لا ريسڪيو ٽيمون پهتيون. اطلاع تي سوين مقامي ۽ سولنگي برادري جا ماڻھو ٽوٻا ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ درياهه تي پھچي ويا، جن پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻارن، مردن ۽ عورتن سميت 22 ماڻهن جا لاش ڳولا ڪري ٻاهر ڪڍي ورتا، جن ۾ 10 ورھين جي اميران ڌي متارو، 15 ورھين جو محمد عامر ولد متارو، 25 ورهين جي مائي حميده زال ڪبير احمد، 24 ورهين جي مائي شبانه زال گل محمد، 12 ورھين جي حسينه ڌي مختيار احمد ۽ ٻيا شامل آهن، ٽوٻن مڙسي ڪري ٻارن ۽ عورتن سميت 45 ماڻهن کي زندهه ٻاهر ڪڍي ورتو، جن مان 14 ماڻهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال پھچايو ويو، ٻين لاپتا ٿيل مردن، عورتن ۽ ٻارن جي لاشن جي ڳولا جاري آھي. ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. آخري اطلاع تائين ٻڏي ويل ماڻهن جي لاشن جي ٻيڙين ۽ ٽوٻن ذريعي ڳولا جاري هئي. هوڏانهن فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي قيامت برپا ٿي وئي. واقعي جو پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز شريف نوٽيس وٺندي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان کي ھدايت ڪئي ته متاثرن جي ھر ممڪن واھر ڪئي وڃي، جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان ريسڪيو ٽيمون ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتو ۽ ٽوٻن جي مدد سان ڳولا شروع ڪرائي، پر رات ٿيڻ سبب ۽ سنڌو جي تيز وهڪرن سبب ريسڪيو ٽيمن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ڊپٽي ڪمشنر رحيميار خان ھن مھل تائين 22 فوتين جي تصديق ڪئي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا المناڪ حادثي بعد ضلعي جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. آخري اطلاعن تائين اسسٽنٽ ڪمشنر صادق آباد جي نگراني ۾ امدادي ٽيمون ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳول ڪري رهيون هيون. اسسٽنٽ ڪمشنر صادق آباد موجب سولنگي برادي جا 150 کان وڌيڪ ماڻهو ٻن ٻيڙين ۾ سوار ٿي ماڇڪو کان کروڙ ڄڃ وٺي وڃي رهيا هئا ته هڪ ٻيڙي ۾ وڌيڪ ماڻهو هجڻ سبب واقعو پيش آيو، جنهن بعد ريسڪيو عملي 40 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي زنده ۽ 20 ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا آهن. گم ٿيلن جي ڳولا جاري آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close