مسڻ وڏي:اسان جا ھمدرد ۽ مهربان دوست يوسي دريا خان مري ۾ ضلعي ڪائونسل جو ووٽ تير کي، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جو ووٽ تالي کي ڏئي ڪامياب ڪندا. شھداد خان مري، عبدالشڪور ٿيٻو ۽ فتح محمد مري جي ڪاميابي توهان جي ڪاميابي آهي، هي ڪامياب ٿي يوسي جي تقدير بدلائي ڇڏيندا. ٽنڊوالهيار جي سياستدان حاجي مير محمد کوکر يوسي دريا خان مري ۾ ڳوٺ ڊورو ڀائي خان ۾ هڪ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته منھنجو پٽ ارشد حسین کوکر يوسي کوکر تي چيئرمين جو اميدوار آهي، ان جي چونڊ مهم ڇڏي ان کي پاڻ سان گڏ کڻي هتي آيو آهيان، ان لاءِ ته هنن اميدوارن جو مون کي لاچار آهي. ان موقعي تي ارشد حسین کوکر خطاب ڪندي چيو ته يوسي دريا خان مري جو باشعور عوام اسان جي حمايتي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو. سروري جماعت جي اڳواڻ پير محمد ھاشم شاهھ چيو ته ووٽ هميشه باصلاحيت ڪردار رکندڙ شخصيت کي ڏنو ويندو آهي. ان موقعي تي يوسي دريا خان مري جي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار شھداد خان مري چيو ته سڀ کان اڳ آئون ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي جو ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي سامهون پنهنجي اميدوار محمد صالح پنهور کي هٿ کڻايو، ان سان گڏ منهنجي وڏي حاجي مير محمد کوکر، افتخار کوکر، امجد حسین کوکر ۽ ارشد حسین کوکر جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي حمايت ڪئي. ان تي چيئرمين جي اميدوار عبدالشڪور ٿيٻو، امجد حسین کوکر، افتخار کوکر، محمد يوسف پنهور، ثنا ٿيٻو، فتح محمد مري، محمد حسن ٿيٻو، حسين مري۽ ٻين خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close