پاڪستانسنڌ

عاجز ڌامراهه جي پاشا قاضي سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

حيدرآباد: پ پ پ جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته حيدرآباد جو ميئر پ پ جو جيالو هوندو، پ پ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، پ پ حيدرآباد جي امن پسند ماڻهن جي پسنديده پارٽي آهي. هوڏانهن عاجز ڌامراهه قاضي هائوس پهچي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي سان ملاقات ڪئي ۽ سندس طبيعت معلوم ڪئي، ٻنهي اڳواڻن بلدياتي اليڪشن ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي سهيل قاضي ۽ ٻيا موجود هئا. بعد ۾ عاجز ڌامراهه يوسي 20 ٽائون ميان سرفراز پهتو ته جيالن ۽ شهرين سندس آجيان ڪئي. هن غريب آباد ۾ پارٽي آفيس جو افتتاح پڻ ڪيو. ان موقعي تي نديم جتوئي، جنت ڀٽي، الطاف جتوئي، دانيال ابڙو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button