ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوارن پ پ اڳواڻ سجاد حسين جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ چيئرمين امجد هڱورو، وائيس چيئرمين مظهر جوڻيجو، ضلعي ڪائونسل ميمبر امام بخش قمبراڻي، جنرل ڪائونسلر غلام حيدر بروهي، زاهد حسين سولنگي چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ريلي جي صورت ۾ مختلف ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون ڪري نيڪ مردن کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ پ اڳواڻ سجاد حسين جوڻيجو چيو ته عوام پاران مليل عزت ۽ مان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي، جنهن سدائين غريب عوام کي تعليم، صحت سميت بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ کي ترجيع ڏني آھي. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ وڏيرو ضياءُ الدين ساريو، سيد حسين شاهه، وڏيرو پرويز احمد جوڻيجو، غلام رسول ٻٻر، غلام نبي نوداڻي، سيد محبوب شاهه، امتياز ڪنڀر، غلام مصطفيٰ پنهور، گلشير پنهور سميت ٻيا موجود هئا.