پاڪستانسنڌ

پ پ عوامي پارٽي نه پر زرداري ليگ بڻجي چڪي آهي: لياقت جتوئي

خيرپور ناٿن شاھه: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مرڪزي پي ٽي آئي اڳواڻ لياقت جتوئي ۽ سندس ڀا اڳوڻي ايم پي اي خيرپور ناٿن شاھه احسان علي جتوئي طوفاني دورا ڪيا، ڪي اين شاھه جي مختلف جڳهين شيخ محلا،يقين شاھه محلا، مير ڪالوني ٻورڙي روڊ، جروار ڳوٺ، ڊگري ڪاليج جوکيه محلا ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ويون، جنهن بعد يوسي گاڏهي جي آفيس جو پڻ افتتاح ڪيو ويو. بلوچ هائوس تي لياقت جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پييپلزپارٽي عوامي پارٽي ناهي رهي جنهن ڪري هو سنڌ جي عوام ۾ پهنجو وقار وڃائي چڪي آهي.

هاڻي هو زرداري ليگ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، مسلسل 15 سالن جي حڪومت باوجود به سنڌ کي تباھه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان ڌانڌلي جو پروگرام جوڙيو ويو آهي. جنهن جو اسان قانوني طريقي سان ڀرپور دفاع ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ وفاقي توڙي سنڌ حڪومت پي ٽي آئي جي هوندي ملڪ جو وزيراعظم عمران خان ٿيندو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ شعبان ملاح، ڊاڪٽر شاهنواز گاڏهي، ايڊووڪيٽ لال شاھه، عابد حسين ٻٻر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button