پاڪستان

هڪ ئي رستو بچيو آهي ته شفاف چونڊون ڪرايون وڃن: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيستائين سياسي بحران ختم نه ٿيندو معيشت مٿي نه ويندي، اسان وٽ هڪ ئي رستو بچيو آهي ته صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور استعيفيٰ ڏئي، اسان کي ان تي اعتماد ناهي. عوام کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت لاءِ هٿرادو سياسي بحران پيدا ڪيو ويو، جڏهن ملڪ صحيح رستي تي هلي رهيو هو ته اسان جي خلاف سازش ڪئي وئي، اسان جي حڪومت ۾ سڀ شيون هاڪاري ٿي رهيون هيون، هاڻ عوام ۾ شعور اچي چڪو آهي، قوم سجاڳ ٿي وئي آهي، اسان ڪنهن جي غلامي لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته اسان کي هارائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا ويا، هن چيف اليڪشن ڪمشنر جي هوندي صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور استعيفيٰ ڏئي، اسان کي ان تي اعتماد ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button