اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي ق ليگ صدر ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي جي پنجاب جي وڏي وزير طور نامزدگي جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي ۽ پوءِ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اڳتي جي تنظيمي ۽ سياسي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته ڪور ڪميٽي پرويز الاهي جي پنجاب جي وڏي وزير طور نامزدگي جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. پي ٽي آ جي ڪاميابي ۽ ڪور ڪميٽي مان توثيق کانپو پرويز الاهي جي پنجاب جو وڏو وزير بڻجڻ لا رستو صاف ٿي ويو ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق 22 جولا تي وڏي وزير جي چونڊ ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close