عمرڪوٽ: محرم الحرام جي سلسلي ۾ حڪومت سنڌ پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، عالم ضابطه اخلاق ۽ ڪرونا ايس او پيز تي سختي سان مڪمل عمل کي يقيني بڻائي اشتعال انگيز تقريرن کان پاسو ڪن ۽ مجلسن توڙي جلوسن جي وقت جي پابندي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ طاھر علي ميمڻ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ حڪومت سنڌ پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ درٻار هال ۾ اعلى سطح اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ پاڪستان آرمي ڇور ڪينٽ جي ڪئپٽن، پاڪستان رينجرز سنڌ نيو ڇور ونگ جي ايس آر، ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي، اي ڊي سي ون ڪبير محمد شاهه، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر فريد احمد ھنگورجو، چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايس پيز، مختيارڪارن، ايڪسيئن حيسڪو، سماجي اڳواڻ رسول بخش رحيمداڻي، عالمن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي سي طاھر علي ميمڻ چيو ته جلوسن جي گذرگاهن ۽ روٽ ميپ جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان تعلقي سطح تي گڏجاڻي ڪري ڪنٽرول روم کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽائون ۽ مونسپل ڪميٽي عملدار امام بارگاهن ۽ جلوسن جي گذرگاهن تي صفائي، پاڻي ۽ روشني جا بهتر انتظام ڪيا وڃن. ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته جلسن ۽ مجلسن ۾ مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ ڪل 890 اھلڪار مقرر ڪيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close