سامارو: سامارو لڳ رام جاڳو ڀرسان مٺڙائو ڪئنال ۾ نامعلوم شخص جو لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن سامارو پوليس کي اطلاع ڪيو، اطلاع تي سامارو ۽ صالح ڀنڀرو پوسٽ پوليس پھچي لاش کي مٺڙائو ڪئنال مان ٻاھر ڪڍرائي تعلقي اسپتال آندو، جتان لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مرده خاني ۾ رکيو ويو، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ڊاڪٽر ٻڌايو ته ھٿ آيل ڳريل لاش ھفتو پراڻو ٿي سگھي ٿو ۽ لاش جا پير رسي سان ٻڌل ھئا، فوتي شخص کي ھلڪي سليٽي رنگ جا ڪپڙا پھريل آھن. پوليس ٻڌايو ته لاش جي ڪا سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي، لاش ايڌي عمرڪوٽ حوالي ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close