حيدرآباد: حيدرآباد ۾ قتل ڪيل بلاول ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عوامي تحريڪ طرفان ميرواهھ گورچاڻي، نوشهروفيروز، جهمپير سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ ميرواھه گورچاڻي طرفان سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، ڪامريڊ شگن لال ڪولھي، محبوب نوننداڻي، سرمد سنڌي، خوشحال داس ميگھواڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، عوامي تحريڪ جهمپير طرفان بائي پاس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو.
جنهن جي اڳواڻي شاهه محمد چانگ، انور پالاري، رحمان چانگ، مشڪور انور پالاري، صدام چانگ، سراج پالاري، شان حيدر، مشهور عالم، گل حسن چانگ، سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻ شاهد، سرمد چانگ، عبيد الله سنڌي ۽ ٻين ڪئي. نوشهروفيروز ۾ عبدالطيف ڀٽي، سرور سنڌي، عبدالسلام سومرو، ستار سنڌي، عمير علي سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرڏيهين کي غيرقانوني طور سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جي ڇوٽ ڏياري وئي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪري سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ سمورن ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.