پاڪستانسنڌ

پولنگ اسٽيشنن ۾ سهولتن جي کوٽ ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي: ڊي سي ٺٽو

ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ٺٽو غضنفر علي قادري ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، ميونسپل، ٽائون ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي صفائي سٿرائي، بجلي، پيئڻ جي پاڻي، واش رومز ۽ ٻين سمورين سهولتن جي موجودگي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، ان ڏس ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال ڊي سي آفيس مڪلي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ مقرر ڪيل پولنگ اسٽيشنن ۾ سهولتن جي موجودگي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر عذرا مهيسر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1 رياض حسين لغاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 ڊاڪٽر راشد چنا، ضلعي جي سمورن مانيٽرنگ آفيسرن، آر اوز، اي آر اوز کان علاوه پبلڪ هيلٿ، روينيو، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، تعليم، ايجوڪيشن ورڪس، ٽي ايم اوز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button