اسلام آباد :پي ٽي آئي اڳواڻ شيرين مزاري دعويٰ ڪئي آهي ته سندس گهر مان شڪي ڊوائيس هٿ آئي آهي، جنهن جو مقصد سندس جاسوسي ڪرڻ هو. ڪالهه شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيرين مزاري چيو ته عمران خان جي گهر مان به ڪجهه ڏينهن اڳ ڊوائيز هٿ آئي هئي، هاڻي منهنجي گهر مان به شڪي ڊوائيس نڪتي آهي. هي ڊوائيس منهنجي ڪمري جي ٽيبل مان نڪتي آهي جيڪو آمريڪي ماڊل جو وائيس رڪارڊر آهي. شيرين مزاري جو چوڻ هو ته منهنجي بيڊ روم ۾ هيڊوائيس ڪنهن لڳائي؟ پهريان مون کي اغوا ڪرايو ويو اهو به هڪ سوال آهي. هن الزام مڙهيو ته پي ٽي آئي وارن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، آئين ۽ قانون جا بکيا اڍيڙيا پيا وڃن، جيڪڏهن ڪو صحافي ڳالهائي ٿو ته ان جي خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائي وڃي ٿي. منهنجي خلاف 4 ڪيس داخل ڪيا ويا. هن چيو ته گهر جا نوڪر عارضي طور تي هوندا آهن، نوڪر کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته پٽ کي ماري ڇڏينداسين. اهرن ڪڌن ڪمن لاءِ غريب طبقي کي استعمال ڪن ٿا. خبر نه آهي ته اهي منهنجي بيڊ روم مان ڇا انفارميشن وٺڻ چاهين پيا؟ سينيٽر شبلي فراز ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شيرين مزاري جي گهر ڊوائس لڳائڻ نهايت خطرناڪ آهي، اسان کي ناهي خبر ته ڪيترن ٻين ماڻهن جي گهرن، آفيسن ۾ اهڙا اوزار رکيل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close