اسلام آباد:ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ ۾ زبردست برسات پوڻ جو امڪان آهي. ان ڏس ۾ قومي موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ واري اداري پاڪستان ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 کان 26 جولا تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن وسڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ته تمام گهڻو مينهن پوڻ جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب 24 جولا کان سنڌ جي مختلف ضلعن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، شهيد بينظيرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، دادو، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ برسات پوندي، جنهن سان هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. ان کانسوا ملڪ جي ٻين هنڌن تي پڻ مينهن وسندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close