اسلام آباد:نيب جي وقتي چيئرمين ظاهر شاهه پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا اختيار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيا. عدالت ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 24 جون تي رابطا ڪميٽي پنهنجي حد کان وڌي وئي هئي. ڪميٽي نيب آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪندي اڳوڻي چيئرمين جاويد اقبال خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو هو. نيب جي وقتي چيئرمين ظاهر شاهه پي اي سي جي اجلاس جا منٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيا ۽ درخواست ۾ سيڪريٽري پارلياماني معاملن، سيڪريٽري قومي اسيمبلي، چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي، ايڊيشنل سيڪريٽري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ڌر بڻايو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close