اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ وقت ڊالر 178 رپين جو هو، جيڪو هاڻ 224 رپين جو ٿي ويو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته آمريڪي سازش سان آندل بي اعتمادي رٿ وقت ڊالر 178 رپين جو هو، جيڪو هاڻي 224 رپين جو ٿي ويو آهي ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدي باوجود رپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته خراب معاشي صورتحال سان ظاهر ٿي ويو آهي ته شريف خاندان کي معيشت يا انتظامي معاملا هلائڻ جو ڪو تجربو ناهي. سندس موجب شريف خاندان جي هڪ مهارت چوري، مني لانڊرنگ ۽ اين آر او وٺڻ ۾ آهي. عوام حڪومت تبديل ڪرڻ جي سازش ۽ پاڪستان کي خراب حال تائين پهچائڻ جي ذميوارن جو احتساب ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close