اسلام آباد :بني گالا ۾ خيبر پختونخوا جي استادن عمران خان جي گهر اڳيان سخت احتجاج ڪيو. ان دوران پوليس اهلڪارن استادن کي گهر اڳيان وڌڻ نه ڏنو ۽ استادن کي اتي ئي روڪي ڇڏيو. جڏهن ته متاثر استادن احتجاج دوران عمران خان خلاف نعرا هنيا ۽ مطالبو ڪيو ته استادن جون گهرجون فوري طور تي پوريون ڪيون وڃن. هوڏانهن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بني گالا ۾ ڪي پي ڪي جي استادن جو احتجاج عمران خان جو پڙهايل سبق آهي، جيڪو کين مبارڪ هجي. اڱاري ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير نجي ٽي وي چينل جي ان خبر جو حوالو ڏنو جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي استادن کي بني گالا ۾ احتجاج ڪندي ڏيکاريو ويو ۽ ٻُڌايو ويو ته مظاهرو ڪندڙ عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جي گهر ۾ داخل ٿي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close