پاڪستان

دعا زهرا جو مڙس سان لاڳاپا خوشگوار نه هجڻ جو بيان، دارالامان حوالي

لاهور: ڪراچي مان لاهور وڃي پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا عدالت ۾ مڙس ظهير سان لاڳاپا خوشگوار نه هجڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ عدالت کيس دارالامان اماڻي ڇڏيو. دعا زهرا دارالامان وڃڻ لاءِ لاهور جي مقامي عدالت ۾ مئجسٽريٽ جي روبرو بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ هن مڙس ظهير سان لاڳاپا خوشگوار نه هجڻ جو بيان ڏنو. دعا زهرا چيو ته مڙس ظهير احمد سان لاڳاپا خوشگوار ناهن رهيا ۽ مڙس کان الڳ ٿي پنهنجي مائٽ جي گهر رات گذاري. هن چيو ته مون وٽ رهڻ لاءِ ڪا ڇت ناهي، والدين ۽ ٻين ماڻهن کان سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، تنهن ڪري پنهنجي مرضيءَ سان سيڪيورٽي لاءِ دارالامان وڃڻ چاهيان ٿي. سندس چوڻ هو ته مون کي والدين کان مسلسل زندگي جو خطرو آهي، اهي ماريندا هئا، والدين خطرناڪ نتيجن جو ڌمڪيون ڏيندا آهن. پوءِ عدالت دعا زهرا جي درخواست منظور ڪندي کيس دارالامان موڪلي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button