
لاهور: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حڪومتي اتحادين جي اهم اجلاس کانپوءِ مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت سان ان جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. اتحادين جي اجلاس ۾ اهم فيصلن کانپوءِ آصف علي زرداري چوڌري شجاعت جي گھر پهتو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آصف زرداري ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ بند ڪمري ۾ ٿيل ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، آصف علي زرداري واپس ويندي فتح جو نشان به ڏيکاريو. ياد رهي ته پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ ناڪامي کانپوءِ اڄ حڪومتي اتحادين جو لاهور ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ تي گڏيل اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ وڏ وزارت کي بچائڻ لاءِ اتحادي پارٽيون ڪوشش ڪنديون.