پاڪستانسنڌ

بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري لا عوامي تحريڪ جا مظاهرا

حيدرآباد: بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ طرفان ڪالهه به مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا هنيا ويا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي عوامي تحريڪ تعلقي ڊگهڙي طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، ضلعي ميرپورخاص جي آرگنائيزر امير بخش جروار، خير محمد چانڊيو، ابراهيم ڪلوئي، رازق جروار، جوش جروار، مرتضي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي وئي. جيڪا شهر جي مختلف روڊن کان ٿيندي ڊگهڙي پريس ڪلب پهتي. جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻڍو قمبراڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي بدين جي صدر حبيب ڪلوئي، نارائڻ داس ڪولهي، ڪامريڊ جمون ڀيل، عبدالستار انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڪياري چوڪ کان پريس ڪلب ٻڍوقمبراڻي تائين ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورساڪرو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي آرگنائيزر بلاول لاشاري، ادريس پليجو، غلام حيدر لاشاري، ٺارو خان شيخ ۽ سڄاڳ ٻار تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ فاضل لاشاري ڪئي.

اڳواڻن چيو ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پرڏيهين کي سنڌ ۾ آباد ڪري، سنڌ جون سرڪاري ملازمتون، تعليمي ادارا، زمينون ۽ سمورا وسيلا انهن پرڏيهين حوالي ڪري سنڌين کي سندن ڌرتي تي ئي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، جنهن کي ضيائي مارشلا دوران تيز ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ خاص ڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ افغانين، بهارين، بنگالين، هندستانين، برمين ۽ ٻين صوبن جي لکين ماڻهن کي آباد ڪيو ويو جيڪو سلسلو بعد جي نام نهاد جمهوري حڪومتن به جاري رکيو ويو، جنهن ڪري سنڌ ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ، منشيات فروشي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙا ڏوهه عام ڪيا ويا ۽ سنڌ جو امن امان خراب ڪري بدامني پيدا ڪئي وئي ۽ هاڻي اهي پرڏيهي دهشتگرد ڌرتي ڌڻين تي حملا ڪري خوف ۽ حراس ڦهلائي، سنڌين جي ملڪيتن تي قبضا ڪري رهيا آهن. هنن گهر ڪئي ته سنڌ ۾ غير قانوني طور رهايل غير ملڪين کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري ملڪ مان نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button