اسلام آبادپاڪستان

حڪومت آ ايم ايف اڳيان لاچار،بجلي مهانگي ڪرڻ جا پابند آهيون:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد:حڪومت آ ايم ايف اڳيان لاچار بڻجي وئي، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان گئس جي قيمت تي ڪو اڳواٽ شرط ناهي پر بجلي جي قيمت وڌائڻ جو شرط موجود آهي. آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بجلي مهانگي ڪرڻ جا پابند آهيون. آگسٽ ۾ معاملا ۽ سياسي صورتحال نارمل ٿي ويندي. ان ڏس ۾ ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته امپورٽ کي ايڪسپورٽ ۽ ناڻي جي پهچ برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، گھڻين شين جي امپورٽ تي پابندي لڳائڻ جو فائدو ٿيو ۽ ڪجهه تي نه. اسان ته گذريل ٽن مهينن ۾ ڪوشش ڪئي ته درآمد گھٽ ڪريون. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته هن مهيني قدمن جو نتيجو آيو آهي، جولاءِ ۾ 2 ڏهائي 6 ملين ڊالرز جي امپورٽ ٿي، 700 ملين ڊالرز جي تيل جي امپورٽ ٿي، 2 ملين ڊالر جي ٻي امپورٽ آئي آهي. انرجي امپورٽ ۾ گھٽتائي آئي آهي، اڄ پاڪستان ۾ 60 ڏينهن جو ڊيزل آهي. جڏهن ڊسڪائونٽ ڏئي رهيا هئاسين ته ماڻهن فيول ذخيرو ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي چڪو ۽ ان ۾ ڪو خلل ناهي. ڪا اهڙي شيءِ نه ڪنداسين جو آءِ ايم ايف معاهدي ۾ خلل پئي. ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي بينڪ جا پئسا به اچڻ شروع ٿي ويندا.ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته معيشت هاڻ به سٺي هلي رهي آهي، هڪ دوست ملڪ 1 ڏهائي 2 ارب ڊالرن جي تيل فنانسنگ جو چيو آهي. دوست ملڪ هڪ ملين ڊالرز اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به سيڙپڪاري ڪندو. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان گئس جي قيمت تي ڪو اڳواٽ شرط ناهي پر بجلي جي قيمت وڌائڻ جو شرط موجود آهي، آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بجلي مهانگي ڪرڻ جا پابند آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button