اسلام آبادپاڪستان

پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ق ليگ جو اميدوار پرويز الاهي ئي آهي:چوڌري شجاعت

لاهور : 22 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊ کان اڳ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پرويز الاهي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ق ليگ جو اميدوار پرويز الاهي آهي، پهرين به چئي چڪو آهيان ته جنهن کي مينڊيٽ مليو آهي، حڪومت ڪرڻ ان جو حق آهي. مون کي وڌيڪ صفائي ۽ وضاحت پيش ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ق ليگ سربراهه چيو ته ملڪي مسئلن جو حل ان ۾ آهي ته ڳڻپ واري چڪرن مان ٻاهر نڪري غريب ماڻهن جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. جيڪو غريب جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو اهو حقيقي معنيٰ ۾ ان جي ئي ڳڻپ پوري ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي چونڊجي آيا آهن، اهي ٻين کي گهٽ ڏيکارڻ جو فڪر ڪرڻ بدران عوام جي خدمت ڪن. ملڪي مسئلن جو حل ان ۾ ئي آهي ته سال ڏيڍ حڪومت کي موقعو ملڻ گهرجي يا فوري چونڊون ڪرايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button