اسلام آباد :پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ميمبرن سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ جو معاملو اٿاري ڇڏيو. پي اي سي ميمبرن سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ جي جاچ جو مطالبو ڪيو ۽ ان حوالي سان ميمبر برجيس طاهر جو چوڻ هو ته ڊيم لاءِ چندو گڏ ڪري قوم جو مذاق بڻايو ويو. دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ناهي، جنهن چندي سان ڊيم ٺاهيو هجي. ڊيم فنڊ لاءِ 9 ارب گڏ ٿيا، 13 ارب اشتهارن تي لڳايا ويا. پي اي سي آڊيٽر جنرل کي سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ جي جاچ جو ٽاسڪ سونپي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪريو. پي اي سي چيئرمين نور عالم خان جو چوڻ هو ته جاچ ڪئي وڃي ڊيم فنڊ جي اشتهارن تي ڪيترو خرچ ٿيو؟ ڪيترين فيمليز ڊيم فنڊ سان ٻاهرين ملڪ سفر ڪيو؟ پي اي سي چيئرمين سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ معاملي تي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي طلب ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته ڊيم فنڊ جاچ ۾ مالي گھوٻيون سامهون اچڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس کي به گھرائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close