لاهور : پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي ئي پارٽي جي پنجاب اسيمبلي ميمبر مسعود مجيد تي 40 ڪروڙ رُپيا وٺي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ ۽ سندس 12 اتحادين کي شڪست ٿي. هن چيو ته پنجاب جي عوام فيصلو ڪيو آهي ته تخت لاهور تي تحريڪ انصاف جو حق آهي، ڪور ڪميٽي پنجاب جي وڏي وزير لاءِ پرويز الاهي کي نامزد ڪيو آهي.فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ لاءِ شيطاني راند شروع ٿي ڪئي وئي آهي. ملڪ جو گهرو وزير چئي رهيو آهي ته 5، 6 ميمبر هيڏانهن هوڏانهن ٿي سگهن ٿا، پنڊي واري سيٽ تي ري ڪائونٽنگ جو آرڊر ڏنو ويو آهي. هن الزام لڳائيندي چيو ته رحيم يار خان مان اسان جو ايم پي اي مسعود مجيد مبينا طور 40 ڪروڙ رپيا کڻي ترڪي پهچي چڪو آهي. هن چيو ته مخالف ڪنهن کي دبئي ته ڪنهن ترڪيه ۾ هوٽل بڪ ڪرائي پيا ڏين.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عطا تارڙ اسان جي ايم پي اي سان رابطو ڪيو آهي، اندازو لڳايو ته 30 کان 35 ڪروڙ رُپيا ايم پي اي کي ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن اهڙي نموني ميمبرن کي خريديو ويو ته پاڪستان ۾ جهموريت جو ڪو مستقبل ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close