ٽنڊو غلام علي: ٽنڊو غلام علي جي وارڊ نمبر 8 جي ڳوٺ پيراڻو شورو ۾ 4 ورهين جي ٻار اختر عباس پٽ بشير علي شورو جي ساڄي ٽنگ سڪي وئي ۽ ڊاڪٽرن پاران نينگر کي پوليو جي شڪ ڏيکارڻ بعد نينگر جي وارثن ڏاڏي ميوو شورو ۽ ڏاڏي بختاور شورو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا آھيون، اختر عباس جو پيبشير علي مزدوري لا ڪراچي ويل آھي، هن جي نينگر جي گذريل 3 مهينن کان ساڄي ٽنگ سڪڻ شروع ڪيو ۽ گذريل 20 ڏينهن کان نينگر هلڻ گهمڻ کان لاچار ٿي ويو آهي ته طبي معائني لا سرڪاري اسپتال ٽنڊو غلام علي کڻي وياسين جتي سرڪاري اسپتال جي چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽر پاران نينگر کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.
انهي موقعي تي وارثن صحت کاتي جي اعلي ا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليو جي شڪي ٻار جا سيمپل وٺي ليباريٽري موڪلي کين ذھني اذيت کان نجات ڏياري وڃي ۽ ضرورت مطابق علاج ڪرائي رليف ڏياريو وڃي. ٻئي طرف صحت کاتي بدين جي ٽيم ڊاڪٽر سنيل ۽ رجنيش گل جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اسپتال ٽنڊو غلام علي پهچي، ڳوٺ پيراڻو ۾ پوليو ڪيس جي شڪي ٻار جي وارثن کي اسپتال گهرائي، پوليو اسٽول ٽيسٽ جي ڪٽ ڏيئي اسٽول سيمپل وٺڻ جي هدايت ڏني، ٽيم مطابق پوليو ڪيس جي شڪي ٻارڙي جا ورتل سيمپل ٽيسٽ لا اسلام آباد جي ليباريٽري ۾ اماڻيا ويندا ۽ ليباريٽري جي ايندڙ رپورٽ کانپو ڪليئر ڪري سگهبو ته ٻارڙي کي پوليو آهي يا ٻيو ڪو مرض آهي.