اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن برساتن سبب مڪاني ادارن جون چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ چونڊون هاڻي آگسٽ جي آخر ۾ ٿينديون. ذريعن موجب ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي 16 ضلعن ۾ چونڊون ٿيڻيون هيون. سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سمري چيف سيڪريٽري سنڌ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي آهي. جاري ڪيل پيغام ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته 22 جولاءِ کان سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 24 جولاءِ کان شروع ٿيڻو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close