اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي جا 5 نه 50 ميمبر پنهنجو ووٽ حمزا کي ڏئي سگهن ٿا:گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سڀاڻي پي ٽي آءِ جا 5 نه 50 ميمبر اهڙا ٿي سگهن ٿا، جيڪي ضمير جي آواز تي پنهنجو ووٽ حمزا کي ڏئي سگهن ٿا يا ووٽنگ مان غير حاضر رهي سگهن ٿا. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جو قائد ايوان بڻجڻ جو نه حق رکي ٿو نه صلاحيت اٿس. امڪان موجود آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو پرويز الاهي کي ووٽ نه ڏيندا، پي ٽي آءِ ۾ جن جو ضمير زندهه آهي، اهي پرويز الاهي کي ووٽ نه ڏيندا. هن چيو ته عمران خان پاڻ ميمبرن جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث آهي. سياسي رابطا سڀني سان ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي پروپئگنڊا کي رد ڪيون ٿا. اسان سڀاڻي پنهنجا سياسي آپشن ڀرپور طريقي سان ايڪسرسائز ڪنداسين، سياسي شعور جي بنياد تي سمجهان ٿو ته 5 نه 50 ماڻهو سمجهندا هوندا ته اهو غلط ٿي رهيو آهي. 50 ماڻهو يا ته ضمير جي آواز تي پنهنجو ووٽ حمزا شهباز کي ڏئي سگهن ٿا يا وري غير حاضر رهي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته سڄي قوم ۽ سياسي جماعتون چيف اليڪشن ڪمشنر مان مطمئن آهن، پرويز الاهي چئي ٿو ته ٻن سيڪنڊن ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس، سوچيندس به نه، پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي اها اوقات آهي؟ وڊيوز توهان جون پڪڙيون پيون وڃن، جن ۾ توهان پئسا ڏئي رهيا آهيو، آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ توهان جا پئسا پڪڙيا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button