اسلام آبادپاڪستان

نئين آرمي چيف جي مقرري بابت ڪا ڄاڻ ناهي:خواجا آصف

اسلام آباد : بچاءَ بابت وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان ڪا انفارميشن ناهي. اسلام آباد ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل سان گڏ پريس ڪانفرنس خواجا آصف چيو ته ننڍي چونڊ کانپوءِ مختلف قسمن جا تجزيا سامهون آيا، جن جي وضاحت لاءِ اسان پيش ٿياسين ته عوام ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪيون. هن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ کي پنهنجي سيٽن تي شڪست ملي، جڏهن ته اهڙا علائقا جتي اسان جو ووٽ بئنڪ نه هو، اتان جي عوام به اسان کي محبت ڏني. آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته نئين آرمي چيف جي مقرري بابت ڪا ڄاڻ ناهي. خواجا آصف چيو ته ادارا نيوٽرل هجڻ سٺو سنئوڻ آهي، ڪنهن اداري مداخلت ڇڏي ڏني ته اسان کي خوش ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ادارن کي نيوٽرل ٿي آئين جي حدن ۾ واپس اچڻو آهي. نئين نيب چيئرمين جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ان جو پوليس يا آءِ بي جو سڄو ڪيريئر بي داغ آهي، ڪير به مٿس آڱر نٿو کڻي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button