اسلام آبادپاڪستان

راڻا ثنا الله خلاف توهين عدالت جو الزام هڻو ٿا ته ثابت به ڪريو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ واري معاملي ۾ ق ليگ جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي جي درخواست تي توهين عدالت تي جوڳا ثبوت طلب ڪندي شنوائي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن رياستي مشينري ڪنهن ماڻهو کي کنڀي ٿي ته اهو هڪ ئي وقت هڪ فوجداري ڏوهه به ۽ توهين به هوندو، ان کان اڳ ڏوهه فرض نه ٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت ڪيس جي شنوائي ڪئي. پرويز الاهي جي وڪيل راڻا ثناءُ الله جي پريس ڪانفرنس ۽ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ انٽرويو جو ٽرانسپرڪٽ پڙهندي عدالت کي ٻڌايو ته راڻا ثناءُ الله چيو ته پنج ڄڻا هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويندا. جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته توهين عدالت ڪٿي ٿي اهو ٻڌايو، فرضي ڳالهين تي اسان توهين عدالت جي ڪارروائي نٿا ڪري سگهون. فيصل چوڌري چيو ته ن ليگ ايم پي اي راحيلا عطا تارڙ ذريعي پئسا ڏيڻ لاءِ ايم پي ايز کي ڪال ڪئي. جسٽس منيب اختر چيو ته ڪنهن به حلفي بيان تي تاريخ لکيل ناهي ته ڪال ڪڏهن ڪئي وئي. جڏهن ته ٽنهي بيان ۾ هڪ جهڙي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته عطا تارڙ ۽ ايم پي اي راحيلا خلاف ڪا به توهين عدالت جي درخواست ناهي ڏني وئي، اهو ڪيئن مڃيون ته ڪال ڪري پئسن جي آڇ ڪئي وئي. پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته هينئر تائين اليڪشن ڪميشن چونڊيل ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو، جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم موجب وڏي وزير جي چونڊ کان اڳ اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جي پابند آهي. جيڪڏهن الڪيشن ڪميشن نوٽيفيڪشن جاري نه ڪري ته اسان جو دروازو کڙڪايو. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو اسان چاهيون ٿا ته اسان جو ڪم سڌو رهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن جواب ڏنو ته اسان به اتي ويٺا آهيون. تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته عدالت اسيمبلي ميمبر جي اجلاس ۾ شرڪت تي عمل ڪرائي، جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم تي حمزا شهباز ۽ سندس ڪابينا کي وڏي وزير جي چونڊ شفاف طريقي سان ڪرائڻ جو چيو، راڻا ثناءُ الله حمزا شهباز جي ڪابينا جو حصو ناهي. پي ٽي آءِ جي چيو ته وفاقي گهرو وزير جي بيان سان ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته چونڊن لاءِ پرسڪون ماحول گهربل آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته سڀاڻي رٿيل چونڊ ۾ مقابلو سخت آهي، ماحول الزامن ۽ جوابي الزامن سبب ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، اهڙي قسم جا سياسي بيان ٻنهي طرفن کان ڏنا ويندا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اکيون ناهن ٻوٽيون، جيڪڏهن عدالتي حڪمن جي ڀڃڪري ڪئي وئي ته چپ نه رهنداسين. سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ واري معاملي ۾ داخل درخواست تي توهين عدالت جا جوڳا ثبوت طلب ڪندي شنوائي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button