لاهور: امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ مڪاني چونڊون 2 ڏينهن اڳ ملتوي ڪرڻ انتهائي تعصب ۽ تڪراري قدم آهي. اليڪشن ڪميشن حڪومتي پارٽين سان سازباز ڪري گڏجي عوام کي ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جمهوري ملڪن ۾ جنگ دوران به چونڊن جو عمل مڪمل ٿيو. ڪهڙي ايمرجنسي اچي وئي هئي جو اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ هڪ طرفو فيصلو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ادارا پنهنجي مرضيءَ سان بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندا ته عوامي جذبات وڌيڪ مجروح ٿيندا.
جمهوري عمل جي تسلسل ۽ عوام جي فيصلن تي اعتماد ڪري ئي ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ مرڪزي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. سراج الحق چيو ته حڪمران سياسي پارٽين وچ ۾ ملڪي مفادن جي جنگ ۾ ملڪ تباهه ٿي ويو، روم سڙي ويو ۽ نيرو بانسري وڄائي رهيو آهي، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تماشو هلي رهيو آهي ۽ عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني جي چڪي اندر پيسجي رهيو آهي. ملڪ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، جڏهن ته حڪمران اسلام آباد جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي سياسي شطرنج کيڏي رهيا آهن.