
بدين/ٻڍو قمبراڻي: قومي عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ مرحوم محمد الدين ڀرڳڙي جي چوٿين ورسي جو جلسو ٻڍو قمبراڻي ۾ ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو مھمان طور شرڪت ڪئي، جڏھن ته ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي، گيانچند مھيشوري، نثار ڀرڳڙي، بچل احمداڻي، صفير نظاماڻي، مجيد ٻگھيو، ڪرڙ لٻاري، اصغر نوتڪاڻي، ارباب نوحاڻي، سومار ماڇي، سانول گوپانگ، بابو نوحاڻي، الطاف ڀرگڙي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته محمد الدين ڀرڳڙي ڪالاباغ ڊيم،دھشتگردي، ڪرپشن، سنڌ جي ورھاڱي جي سازش ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ڪئي. محمد الدين ڀرڳڙي سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ ھر جدوجھد ۾ اڳيان اڳيان رھيو ۽ زندگي جي آخري گھڙين سان پنھنجي وطن ۽ پارٽي سان سچو رھيو. سنڌ کي محمد الدين ڀرڳڙي جھڙن ثابت قدم ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته بلدياتي اليڪشن ملتوي ڪري خريداري ۽ ڌانڌلي جي لاءِ وقت حاصل ڪيو ويو آھي. غيريقيني صورتحال ۾ رکي ملڪ کي نقصان پھچايو پيو وڃي. سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباھه ٿي چڪي آھي.