
حيدرآباد: حيسڪو انتظاميا جي نااهلي، حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿي سگهيا، جنهن خلاف رهواسين مختلف علائقن ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري حيسڪو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. خبر موجب حيدرآباد جي چوڙي مارڪيٽ ۾ گذريل 10 ڏينهن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف آل حيدرآباد گلاس بينگلز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن توڙي رهواسين طرفان نشاط چوڪ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران رهواسين حيسڪو عملي خلاف سخت نعريبازي ڪندي ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لا حيسڪو عملدارن تي رشوت طلب ڪرڻ جو الزام مڙهيو.
هوڏانهن گلشن اقبال ڪالوني پريٽ آباد جي رهواسين 12 ڏينهن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري حيسڪو خلاف احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندي حيسڪو عملي تي ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لا رشوت طلب ڪرڻ جو الزام مڙهيندي چيو ته ٽرانسفارمر مان تيل پڻ ڪري رهيو آهي، جنهن سبب قيمتي انساني جانين جو نقصان ٿي سگهي ٿو، جنهن بابت اسان حيسڪو عملي سميت ايم پي اي ناصر قريشي کي اطلاع ڪيو آهي پر مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪوبه جاني نقصان ٿيو ته حيسڪو عملو ۽ ايم پي اي ذميوار هوندو. هوڏانهن ممتاز ڪالوني گاڏي کاتي جي رهواسين ناڪاره ٽرانسفارمر لڳائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون.
احتجاج ڪندڙ رهواسين موقف اختيار ڪيو ته 10 ڏينهن اڳ ٽرانسفارمر سڙي ويو هو، جيڪو حيسڪو عملي 40 هزار روپيا رهواسين کان وٺي ٽرانسفارمر تبديل ڪيو، جيڪو ناڪارا هيو ۽ 2 ڏينهن ۾ سڙي ويو آهي، جنهن کي به تبديل ڪرڻ لا عمران نالي حيسڪو عملدار ٻيهر رهواسين کان 25 هزار روپيا رشوت طلب ڪري رهيو آهي، جيڪا نه ڏيڻ تي ٽرانسفارمر تبديل نٿو ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙ حيدرآباد واسين حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته سڙيل ٽرانسفارمر فوري طور تبديل ڪري ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري رهواسين کي پريشانين کان بچايو وڃي.