ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ۾ 4 مھينن کان پراسرار طور تي گم نينگر گھر پھچي ويو، پوليس جي نينگر کي حيدرآباد مان بازياب ڪرائڻ جي دعوى. خبر موجب لطيف ڪالوني واسي 14 ورھين جو سورج ڪمار تقريبن 4 مھينن کان لاپتا ھو، نينگر جي اوچتو گھر واپس پھچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لھر پيدا ٿي وئي. اھڙي اطلاع تي ڀٽ شاھه پوليس نينگر ۽ وارثن کي ٿاڻي تي گھرائي فوٽو سيشن بعد حيدرآباد مان نينگر کي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪري ڇڏي. ڀٽ شاھه پوليس جاچ بھاني ڪيترائي ڪلاڪ نينگر کي ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو.
جنھن بعد شھر جي وڪيلن محمد آصف راجپوت ۽ ساجد راجپوت ٿاڻي تي پھچي پوليس سان ڳالھين بعد نينگر کي وارثن حوالي ڪرايو ۽ ڀٽ شاھه پوليس جي خوف کان نينگر ۽ وارثن ميڊيا کي ڪجھه به ٻڌائٔڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پوليس کان معلوم ڪريو. جڏھن ته شھرين پاران گذريل رات نينگر کي دنبورا چوڪ ڀرسان چنگچي رڪشا مان اڪيلي ايندي به ڏٺو ويو ھو، ٻئي پاسي پوليس پاران نينگر کي حيدرآباد مان بازياب ڪرائٔڻ جي دعوى ڪئي وئي آھي، ايس ايڇ او ڀٽ شاھه ڪرم علي عمراڻي جو چوڻ آھي ته نينگر کي حيدرآباد مان ھٿ ڪيو ويو آھي، جوابدار فرار ٿي ويا آهن، جلد انھن کي گرفتار ڪيو ويندو.